پراڻي سنگرار2

پراڻي سنگرار-2: هي دڙو هڙاپا دؤر جو آهي. 690 10' 55" اوڀر 270 36' 00" اتر ڊگرين تي موجود آهي.ھي ماڳ سنگرار ڳوٺ جي اتر ڏکڻ ۾ ٻن ڪلوميٽرن تي ڳوٺ تري گھاٽي کان اڍائي ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ ۽ روھڙيءَ کان 27 ميل اولھه ۾ آھي. وارياسي ھنڌ تي ٺڪراٺو، جنھن تي ڳاڙھو ليڪو نظر اچي ٿو، پکڙيل آھي. هتان ڪنا، ٿانون جا سادا توڙي چٽيل ٽُڪرا ملن ٿا. ڪنھن ڪنھن ٺڪر تي کرچيل نقش نڪتل آھي ۽ ڪو ڪو ٺڪر ٺپيل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو